ٺلھه ڊرٻ چانڊيو

ٺلھه ڊرٻ چانڊيو

ٺلھه ڊرٻ چانڊيو

ٺلھه ڊرٻ چانڊيو: هي ٺلهه ميرو خان لاڙڪاڻي روڊ کان 25 ڪلو ميٽر ڳوٺ ارباب شيخ . ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي . ھي ماڳ اتر ڊگھائي ڦاڪ27043' 50" ڊگرين ۽ اوڀر 68010' 30" ڊگرين تي آھي . ٺلهه ، ڳوٺ لڳ آھي ، جنهن جي چوڌاري زرعي زمين آهي . ٺلهه هڪ دڙي تي ٺهيل آهي جو ڪنھن سمي وڏو ھوندو ، پر ھينئر والار ھيٺ اچي ويو آھي ۽ مقامي ماڻھن ان کي ڊاھي آباديءَ لائق زمينن ۾ آڻي ڇڏيو آهي . ھي دڙو زمين جي مٿاڇري کان 12 فوٽ اوچو آھي ۽ هن جي ويڪر ۽ ڊيگهه هن وقت 9 وڃي رھي آهي . ٺلهه ٻن طبقن ۾ ٺھيل آھي . ھيٺيون طبقو چورس ھر پاسو 200 س . م ماپ جو آھي ؛ اوچائي 250 س . م اٿس . ٻيو طبقو گول آهي ، جنھن جو گھيرو 12 . 9 فوٽ آھي ، جيڪو پڪ سرو آهي ۽ ان ۾ مختلف ماپ جون سرون استعمال ٿيل آھن . سڄو گل سان اوساريل آھي . ھيٺيون حصو زبون آهي ، جڏھن ته مٿيون حصو ڪي قدر بھتر آھي . مقامي ماڻھن ٻڌايو ته پيڙهه/ ھيٺين طبقي تي ڪي کڏڻا ( Recesses ) ۽ جارا ( Niches ) ھئا ، جيڪي اتر پاسي ھئا ، اھي جارا ۽ کڏڻا ڪي ٺلهه ۾ اندر ٺھيل نه ھئا ، پر واڌو اڏاوت ھئي ، جنھن جا نشان مٽجي ويا آھن . چون ٿا ته ٺلهه جي اولهه ۾ ڏاڪڻ ٺھيل ھئي جيڪا ھيٺ بنيادن ڏانھن وئي پئي . ٺلهه گاري سان لتل آهي ، جنھن جا نشان اڃا بيٺا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو